پارس رياض ملاح

پارس رياض ملاح: نوجوان پبلشر ۽ شاعر رياض ملاح'>پارس رياض ملاح جو پورو نالو رياض حسين ولد جمال الدين ملاح آهي. هن 26 جولاءِ 1979ع تي ڳوٺ جمال الدين ملاح، تعلقي ناري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي، بي. اي آهي. هن شاعريءَ جي شروعات 1998ع کان ڪئي. هيءُ علم دوست سنگت ناري ۽ همدرد سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن ڳوٺ جمال الدين جو رابطه سيڪريٽري آهي. ان کان سواءِ سلسليوار رسالي ’جديد تاريخ نارو‘ ۽ سلسليوار ’ريگستانچونڊڪو جو چيف ايڊيٽر به آهي. هن سلسليوار ’سرهي سوچ‘ چونڊڪو ۾ سب ايڊيٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ’پيچ پريت جو‘ (ترتيب: 2005ع) (2) ٻاراڻا ٻول ۽ رانديون (تحقيق) 2009ع (3) سنڌوءَ جي ڪناري شاعري (ترتيب 2011ع) شامل آهن.
پارس رياض ملاح پي. ٽي. وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڪيترن ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. هن وقت هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ استاد طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ پارس رياض ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.07.26  عيسوي

نوجوان پبلشر ۽ شاعر پارس رياض ملاح جو پورو نالو رياض حسين ولد جمال الدين ملاح آهي. هن 26 جولاءِ 1979ع تي ڳوٺ جمال الدين ملاح، تعلقي ناري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه علي محمد
پلي راڄ محمد
بلاول اوٺو
بسنت ڪمار تياڳي
سرور ڪيريو
شاهن باڊاهي
چانڊيو نظام الدين
شبنم گل
بيخود بلوچ
آفاق صديقي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون